حافظ قاضي لعل محمد متعلوي

حافظ قاضي لعل محمد متعلوي: سنڌ جي مشهور بزرگ، ديني عالم قاضي حافظ حاجي قاضي لعل محمد متعلويءَ جو جنم 29 شوال 1274هه مطابق 24 جون 1858ع ڌاري مٽياريءَ ۾ ٿيو. سندس حسب نسب جو سلسلو مخدوم گينڊه متعلويءَ سان وڃي ملي ٿو، جيڪو هندستان مان مٽيارين ۾ اچي آباد ٿيو. هن ان وقت جي مشهور محدث ۽ فقيهه حافظ حاجي مولوي ميان عبدالوليءَ وٽ ستن مهينن ۾ قرآن شريف حفظ ڪيو. ديني علم کانسواءِ، سنڌي فائنل به پاس ڪيائين. تعليم پرائڻ کان پوءِ هن پنهنجي شهر مٽياريءَ ۾ هڪ مدرسو قائم ڪيو، جنهن مان 1700 کن عالم فارغ التحصيل ٿي نڪتا. ان کان سواءِ ميهڙ واري پير احمد شاهه، ٽنڊي غلام علي جي مير حاجي محمد بخش ۽ مير بنده علي جي والد بزرگوار مير محمد حسن به علمن جي تحصيل قاضي لعل محمد متعلويءَ وٽ ڪئي.
هن جي علم ۽ فضل جي مقبوليت پاڪستان کان سواءِ ٻاهرين ملڪن ۾ به هئي. سنڌ جون ڪورٽون ڪيسن جي سلسلي ۾ هن کان فتوائون وٺي، اڪثر ان جي بنياد تي حڪم جاري ڪنديون هيون. هن مٽياريءَ جي مدرسي ۾ تعليم ڏيڻ کانپوءِ ٽنڊي غلام عليءَ ۾ وڃي پنهنجو مدرسو کوليو، جتان ڪيترائي طالب علم حاصل ڪندا رهيا. 13 صدي هجريءَ ۾ حج ڪرڻ کانپوءِ مڪي شريف جي هڪ مدرسي ۾ پڙهائيندو رهيو ۽ هڪ ورهيه تائين اعزازي طور حديث جو استاد به ٿي رهيو. اتي سرهندي خاندان جي مشهور بزرگ حضرت پير آغا عبدالرحمان جان وٽ نقشبندي طريقي ۾ بيعت ڪيائين. سندس شاگردن ۽ کٿابين جو حلقو تمام گهڻو وسيع هو. هن جي مشهور شاگردن ۾ پير آقا محمد عمر خان سرهندي، آخوند حاجي خير محمد متعلوي، سيد حاجي شاهه متعلوي، مخدوم ابوبڪر متعلوي، مولوي محمد معروف متعلوي، مولوي ميان احمد نصرپوري، مولوي محمد عثمان ڀنڀرو قِراني، مولوي عبدالله احمداڻي، فقير نصير محمد خان منڌواڻي (ٽنڊوالهيار) ۽ مولوي احمد شاهه ميهڙ وارو قابل ذڪر آهن. هيءُ فتويٰ نويسيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هن جون هٿ اکر لکيل فتوائون 7680 آهن، جيڪي سندس حياتيءَ ۾ سندس مڪتب ۾ موجود هيون پر اهي هاڻي اڻلڀ آهن. هنن فتوائن مان رڳو 83 فتوائون مليون آهن، جيڪي مولوي محمد معروف سهيڙيون آهن، جيڪي سندس ڪتب خاني ۾ موجود آهن هن جو هڪ ڪتاب ’نور العيفين في افصليت الشيخين‘ به لکيل آهي. هي ڪتاب مولوي محمد معروف جي ذاتي ڪتب خاني ۾ قلمي صورت ۾ موجود آهي. قاضي لعل محمد پنهنجي سڄي حياتي شرعي مسئلن سکڻ سيکارڻ ۽ دين جي خدمت ڪندي گذاري.
سنڌ جو هيءُ بزرگ 10 ذوالحج 1355هه مطابق 16 مارچ 1936ع تي وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1858.06.24  عيسوي

سنڌ جي مشهور بزرگ، ديني عالم قاضي حافظ حاجي قاضي لعل محمد متعلويءَ جو جنم 29 شوال 1274هه مطابق 24 جون 1858ع ڌاري مٽياريءَ ۾ ٿيو.


1936.03.16  عيسوي

سنڌ جو هيءُ بزرگ 10 ذوالحج 1355هه مطابق 16 مارچ 1936ع تي وفات ڪري ويو.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ محمد حسين سيوهاڻي
روح الله بکري
سيد محمد شاهه
عبدالعزيز ٿريچاڻوي
راشدي مظهرالدين شاهه
تاج محمود امروٽي
ابڙو احمد
قاضي ثناءَ الله پاڻيپتي
آخوند مولانا ڇٽو ڀٽي سيتائي
حسين سنڌي سيوستاني
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون